سنڌي ترڪيب

سنڌي ترڪيب

سنڌي ترڪيب

سنڌي ترڪيب (ڪتاب): هيءُ ڪتاب سنڌي وياڪرڻ تي مبني آهي، جنهن جو ليکڪ بولچند ڪرمچند (بي. اي) آهي. هن ڪتاب ۾ ويا ڪرڻ جي مختلف مرحلن کي مثالن وسيلي سمجهايو ويو آهي. ڪتاب، ٻن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي. پهرئين ڀاڱي ۾ فقط ڳالهائڻ جي لفظن بابت بيان ڪيل آهي، جڏهن ته ٻيو ڀاڱو انگريزي پهرين درجي کان اسڪول فائينل لاءِ تيار ڪيل آهي، جنهن ۾ شاهه صاحب جي رسالي، ساميءَ جي سلوڪن، پهاڪن يا تعليم کاتي جي ڪتابن مان مدد ورتي وئي آهي. ڪتاب ۾ وياڪرڻ جي مڙني اصولن تي سليس ۽ عام فهم لفظن ۾ سمجهاڻي ڏئي جملن ۽ مثالن وسيلي سمجهايو ويو آهي. ڪتاب ۾ اسم، ضمير، فعل، صفت، ظرف، حرف جملو، حرف ندا، فعل مرڪب ۽ اسم مصدر وغيره جون ترڪيبون پڻ ڏنل آهن. ڪرائون سائيز جو هيءُ ڪتاب 1914ع ۾ پريميئر اسٽيم پريس حيدرآباد مان وسڻمل ڪشنچند شايع ڪرايو. 63 صفحن جي هن ڪتاب جي قيمت 3 آنا ڄاڻايل آهي.


لفظ سنڌي ترڪيبھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو